اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو اليڪشن ڪميشن بابت موقف درست ناهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو ته اليڪشن ڪميشن جا دروازا سمورين سياسي پارٽين لاءِ کليل آهن، سياسي اڳواڻ ۽ اليڪشن ڪمشنر ملاقاتون ڪندا رهندا آهن.هن چيو ته حڪمران اتحاد جو پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو فوري طور ٻڌائڻ جو مطالبو جائز ناهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران سمورين پارٽين کي گڏ ڪري فيصلو ٻڌائڻ جو مطالبو به جائز ناهي.ڪنور دلشاد وڌيڪ چيو ته فيصلا سيريل هوندا آهن، اهو ناهي ته توهان گڏجي فيصلو ڪيو.










