اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر م فوجي دستن گشت شروع ڪيو آهي، ريڊ زون ۽ ڊپلوميٽڪ انڪليو، شاهراهه دستور تي به فوج کي گشت ڪندي ڏٺو ويو. ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، اسد عمر، فواد چوڌري، جمشيد اقبال چيما، فلڪناز چترالي، مسرت جمشيد چيما ۽ ملائڪا بخاري کي پارٽي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري بعد عوام کي احتجاج لاءِ اڪسائڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس ٽوئيٽ ڪيو ته ”امن کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت باهه ڀڙڪائڻ ۽ پرتشدد احتجاج ڪرڻ تي گرفتاريون ڪيون ويون آهن“. ذريعن موجب شاهه محمود قريشي کي اسلام آباد جي گلگت بلتستان هائوس مان گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس اربع ڏينهن به شاهه محمود کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو گرفتار نه ٿي سگهيو. گرفتاري کان اڳ پنهنجي هڪ پيغام ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته هن ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، ڪو به اشتعال انگيز بيان ناهي ڏنو، ڪور ڪمانڊر لاهور جي گهر تي حملي لاءِ ڪارڪنن کي اڪسائڻ جو مٿس الزام ڪوڙو آهي.










