راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بئريسٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني طرفان اڄ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط لکيو پيو وڃي.راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين (اي يو) چارٽر موجب ان وقت قرض ڏيندا. جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ سٺي حڪمراني هجي ته عالمي ادارا ان ملڪ ۾ ڪم نه ڪندا آهن جنهن ملڪ ۾ جمهوريت ناهي.بئريسٽر علي ظفر چيو ته سڄي دنيا ڏٺو ته رات جي اونداهي ۾ عوام جو ووٽ چوري ڪيو ويو، جيترين تڪن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، انهن تڪن جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي، قرض وٺڻ وارو قدم ملڪ لاءِ نقصانڪار هوندو.بئريسٽر علي ظفر چيو ته سڄي دنيا ڏٺو ته رات جي اونداهي ۾ عوام جو ووٽ چوري ڪيو ويو، جيترين تڪن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، انهن تڪن جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي، قرض وٺڻ وارو قدم ملڪ لاءِ نقصانڪار هوندو.










