پي ٽي آءِ اڳواڻ اڄ پاڻ کي گرفتاري لاءِ پيش ڪندا:فواد

پي ٽي آءِ اڳواڻ اڄ پاڻ کي گرفتاري لاءِ پيش ڪندا:فواد

لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اڄ کان پاڻ کي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري لاءِ پيش ڪندا.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اڄ هڪ غير معمولي ۽ منفرد تحريڪ شروع ٿي رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته لاهور شهر اڄ آئين جي بحالي، انساني حقن ۽ معاشي حقن جو ميزبان هوندو.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سمورن پاڪستانين کي گذارش آهي ته پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيهن ٻي صورت ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو