لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ٻن نئين ٽيمن جي نيلامي ايندڙ سال 6 جنوري تي ٿيندي.پي سي بي پاڪستان سپر ليگ کي وڌائڻ جو هڪ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي نئين پي ايس ايل فرنچائزز لاءِ 6 امڪاني شهرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي.ٻن نئين امڪاني فرنچائزز لاءِ فيصل آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، سيالڪوٽ، مظفر آباد ۽ گلگت جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مطابق ٻن نئين پي ايس ايل ٽيمن جي نيلامي 6 جنوري 2026 تي ٿيندي ۽ صرف ٽيڪنيڪل طور تي قابليت رکندڙ ٻولي ڏيندڙ نيلامي ۾ حصو وٺندا.ان حوالي سان سي اي او پي ايس ايل سلمان نصير جو چوڻ آهي ته پاڪستان سپر ليگ هڪ عالمي معيار جي ٽي 20 ليگ طور ترقي ڪري رهي آهي.










