لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين ايڊيشن لاءِ پهريون ڀيرو رانديگرن جي نيلامي لاهور ۾ جاري آهي، جنهن ۾ تيز بالر نسيم شاهه راولپنڊي کي 8 ڪروڙ 65 لک رپين ۾ وڪرو ٿيو ــ جيڪا هن نيلامي جي سڀ کان وڏي ٻولي آهي۔
وقفي کان پوءِ نيلامي ٻيهر شروع ٿي، جنهن ۾ آل رائونڊرن تي ٻوليون لڳايون ويون، جڏهن ته ان کان اڳ ڪيترن ئي مرحلن دوران فخر زمان، ڊيوڊ وارنر ۽ محمد عامر سميت اهم رانديگر وڪرو ٿي چڪا هئا۔
گذريل مهيني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اعلان ڪيو هو ته ملڪ جي پريميئر ڪرڪيٽ ليگ جي ايندڙ سيزن لاءِ اڳوڻي ڊرافٽ سسٽم بدران نيلامي وارو ماڊل اختيار ڪيو ويندو۔
اسلام آباد يونائيٽيڊ
نيلامي جي شروعات آل رائونڊرن سان ٿي، جنهن ۾ فهيم اشرف جي بنيادي قيمت 4 ڪروڙ 20 لک رپيا هئي، پر اسلام آباد يونائيٽيڊ کيس 8 ڪروڙ 50 لک رپين ۾ حاصل ڪيو۔
ٽيم نيوزيلينڊ جي مارڪ چيپمين کي به 7 ڪروڙ رپين ۾ حاصل ڪيو، جڏهن ته پشاور زلمي 6 ڪروڙ 85 لک تائين ٻولي ڏني هئي۔
محمد وسيم جونيئر 4 ڪروڙ 10 لک رپين ۾ ٽيم ۾ شامل ٿيو، جيڪا سندس بنيادي قيمت 2 ڪروڙ 20 لک کان گهڻي هئي۔ مير حمزه سجاد 70 لک رپين ۾ حاصل ڪيو ويو۔
اسلام آباد يونائيٽيڊ سمير منهاس کي 1 ڪروڙ 90 لک رپين ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ٻولي کٽي حاصل ڪيو، جڏهن ته سميع گل به ٽيم ۾ شامل ٿيو۔
اسڪواڊ ۾ شاداب خان، سلمان ارشد، اينڊريز گوس، ڊيون ڪنوي، مهران ممتاز ۽ ميڪس برائنٽ به شامل آهن۔
ڪراچي ڪنگز
سلمان علي آغا لاءِ اسلام آباد ۽ ڪراچي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، پر آخرڪار 5 ڪروڙ 85 لک رپين ۾ ڪراچي ڪنگز کيس حاصل ڪيو۔
وڪيٽ ڪيپر اعظم خان جي بنيادي قيمت 1 ڪروڙ 10 لک هئي، پر سيالڪوٽ اسٽاليئنز 3 ڪروڙ 15 لک ۽ ڪراچي 3 ڪروڙ 25 لک ٻولي ڏئي کيس حاصل ڪيو۔ شاهِد عزيز 92 لک 50 هزار رپين ۾ ڪراچي کي مليو۔
آسٽريلوي بالر ايڊم زيمپا به ٽيم ۾ شامل ٿيندو۔ مير حمزه 2 ڪروڙ 40 لک ۽ عاقب الياس 60 لک رپين ۾ حاصل ڪيا ويا۔
ڊيوڊ وارنر کي پشاور زلمي سان مقابلي کان پوءِ 7 ڪروڙ 90 لک رپين ۾ ڪراچي حاصل ڪيو۔ محمد حمزه سهيل به ٽيم ۾ شامل ٿيو۔
لاهور قلندرز
لاهور قلندرز حارث رؤف کي 7 ڪروڙ 60 لک رپين ۾ ٻيهر حاصل ڪيو، جڏهن ته راولپنڊي 7 ڪروڙ 45 لک تائين ويو هو۔
فخر زمان کي 7 ڪروڙ 95 لک رپين ۾ برقرار رکيو ويو۔ اسامه مير 3 ڪروڙ 50 لک رپين ۾ حاصل ڪيو ويو۔ محمد فاروق 60 لک رپين ۾ وڪرو ٿيو۔
سيالڪوٽ اسٽاليئنز
صاحبزاده فرحان کي 5 ڪروڙ 70 لک رپين ۾ ڪراچي خلاف ٻولي کٽي حاصل ڪيو۔ آسٽريليا جو ايشٽن ٽرنر 4 ڪروڙ 20 لک ۾ شامل ٿيو۔ پيٽر سڊل 2 ڪروڙ 50 لک ۽ تبريز شمسي 2 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ حاصل ڪيا ويا۔
اسڪواڊ ۾ اسٽيو سمٿ، محمد نواز، سلمان مرزا، احمد دانيال ۽ سعد مسعود به شامل آهن۔
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز
خواجه محمد نافع 6 ڪروڙ 50 لک رپين ۾ حاصل ڪيو ويو۔ فيصل اڪرم 1 ڪروڙ 25 لک ۾ شامل ٿيو۔ وسيم اڪرم جونيئر، خان زيب، بسم الله خان، ثاقب خان، بريٽ هيمپٽن ۽ سيميوئل هارپر هر هڪ 60 لک رپين ۾ ٽيم ۾ شامل ٿيا۔
راولپنڊي
نسيم شاهه لاءِ ڪراچي 6 ڪروڙ 50 لک ۽ اسلام آباد 6 ڪروڙ 65 لک تائين ويو، پر راولپنڊي 8 ڪروڙ 65 لک جي حتمي ٻولي ڏئي کيس حاصل ڪيو۔
ڊيرل مچل 8 ڪروڙ 5 لک رپين ۾ حاصل ڪيو ويو۔ بنگلاديشي اسپنر رشاد حسين 3 ڪروڙ رپين ۾ شامل ٿيو۔ محمد عامر 5 ڪروڙ 40 لک رپين ۾ راولپنڊي کي مليو۔ عماد بٽ 80 لک رپين ۾ شامل ٿيو۔
اسڪواڊ ۾ محمد رضوان، سام بلنگز، زمان خان، عبدالله فضل ۽ ياسر خان به شامل آهن۔
پشاور زلمي
عامر جمال 1 ڪروڙ 90 لک ۽ خالد عثمان 60 لک رپين ۾ حاصل ڪيا ويا۔ آرون هارڊي 6 ڪروڙ 30 لک رپين ۾ شامل ٿيو۔ خرم شهزاد، محمد حارث، صفيان مقيم، عبدالصمد ۽ علي رضا به ٽيم ۾ شامل آهن۔ علي سبحان 62 لک 50 هزار رپين ۾ حاصل ڪيو ويو۔
حيدرآباد هيوسٽن ڪنگز مين
نئين شامل ٿيل ٽيم آخري لمحن ۾ 2 ڪروڙ 15 لک رپين ۾ محمد علي کي راولپنڊي خلاف ٻولي کٽي حاصل ڪيو۔ حسن خان 1 ڪروڙ 85 لک رپين ۾ شامل ٿيو۔ شيان جهانگير به ٽيم ۾ شامل ٿيو۔
ٽيم ۾ صائم ايوب، مارنس لبوشين، عثمان خان، معاذ صداقت، حسن خان، شيان جهانگير، ڪسل پيريرا، عرفان خان نيازي، محمد علي ۽ عاقف جاويد شامل آهن۔
ڪيترائي رانديگر بنا وڪرو رهيا
عماد وسيم (4 ڪروڙ 20 لک)، مهدي حسن مرزا (1 ڪروڙ 10 لک)، ٽام ڪرن، ڊيوڊ ولي، جيمز ونس، شان مسعود، وليم سدرلينڊ، دنيش چنديمل، جانسن چارلس، ڪسل مينڊس، ڪرس جورڊن ۽ محمد حسنين کي ڪا به ٻولي نه ملي۔
پي ايس ايل سي اي او جو خطاب
تقريب جي شروعات ۾ پي ايس ايل جي سي اي او سلمان نصير چيو ته پي ايس ايل ٽين ختم ٿيڻ کان پوءِ تجارتي معاهدا مڪمل ٿي چڪا هئا ۽ وڏا چئلينج سامهون هئا۔
پي سي بي موجب 800 کان وڌيڪ رانديگر نيلامي لاءِ رجسٽر ٿيا آهن۔
بنيادي قيمتون هن ريت مقرر ڪيون ويون:
پلاٽينم 4 ڪروڙ 20 لک، ڊائمنڊ 2 ڪروڙ 20 لک، گولڊ 1 ڪروڙ 10 لک، سلور ۽ ايمرجنگ 60 لک رپيا۔
گهٽ ۾ گهٽ واڌاري واري ٻولي: 11 ملين کان گهٽ تي 2 لک 50 هزار، 22 ملين کان گهٽ تي 5 لک، 42 ملين کان گهٽ تي 10 لک
42 ملين کان مٿي تي 15 لک روپيا مقرر ڪيا ويا.
هر ٽيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ۽ وڌ ۾ وڌ 20 رانديگر هوندا، جڏهن ته 5 کان 7 پرڏيهي رانديگر شامل ٿي سگهندا۔ پليئنگ اليون ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ وڌ ۾ وڌ 4 پرڏيهي رانديگر لازمي هوندا۔
هر ٽيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه اَن ڪيپڊ انڊر 23 رانديگر ۽ پليئنگ اليون ۾ هڪ شامل ڪرڻ لازمي هوندو۔
رانديگر ٻن سالن جي معاهدي تحت شامل ٿيندا۔ پي ايس ايل 11 کان پوءِ ٽيمون وڌ ۾ وڌ 7 رانديگر برقرار رکي سگهنديون، جڏهن ته پي ايس ايل 12 کان پوءِ گرينڊ نيلامي ٿيندي ۽ وڌ ۾ وڌ 5 رانديگر برقرار رکي سگهبا۔
فرينچائز هڪ پرڏيهي رانديگر سڌو سنئون به سائن ڪري سگهندي۔ ٽيم جو بجيٽ 45 ڪروڙ رپين مان وڌائي 50 ڪروڙ 50 لک تائين ڪري سگهجي ٿو۔
ٽورنامينٽ 26 مارچ کان 3 مئي تائين ٿيندو۔ هن سيزن ۾ حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ جي شموليت سان ٽيمن جو انگ 8 ٿي ويندو۔










