ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليو مهم جي پهرين ڏينهن 27 سيڪڙو والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ڪراچي ۾ ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو سنڌ پاران پوليو مهم بابت آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو ڪيپٽن رٽائرڊ انوار الحق چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ئي پيج تي اچي ويا آهن هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان سرحد جي ٻنهي پاسن تي پوليو مهم هڪ ئي وقت شروع ڪندا، سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٽي پوليو مهم هڪ ئي وقت شروع ڪئي ويندي ته جيئن پاڪستان ۽ افغانستان مان پوليو جو خاتمو آڻي سگهجي. پوليو جي ڪيسن ۾ واڌ جو سبب پوليو جي خاتمي لاءِ سٺيون ڪوششون نه ٿيڻ آهي. ان موقعي تي ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍر چيو ته پوليو مهم جديد ٽيڪنالاجي سان شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻارن کي ويڪسينيشن سان گڏ آءِ پي وي فريڪشن ڊوز پڻ ڏنيون پيون وڃن.اي پي آءِ عملدارن موجب پوليو مهم جي پهرين ڏينهن 27 سيڪڙو والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو، ان حوالي سان والدين کي آگاهي جي ضرورت آهي.واضح رهي ته 15 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف خاص مهم ڪراچي جي 85 هاءِ ريسڪ يونين ڪائونسلن ۾ 25 آگسٽ تائين جاري رهندي.










