اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ مراد سعيد جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪيس جا تفصيل سامهون نه اچن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مراد سعيد جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ ۽ گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين مراد سعيد خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي.جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته ڌرين کي سڏي پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي، مناسب حڪم جاري ڪيا ويندا.عدالت پوليس ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي مراد سعيد جي گرفتاري کان روڪيندي ايندڙ هفتي تائين ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.










