پوليس جو علي امين جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو

پوليس جو علي امين جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ)ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو.پوليس موجب ڊي آءِ خان ۾ علي امين گنڊاپور جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو ويو پر هو گهر مان هٿ نه آيو.پوليس جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور ڪجهه ڏينهن اڳ نگران وڏي وزير کي خط لکي الزام هنيا هئا.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل خط ۾ ماڻهن کي نگران وڏي وزير خلاف ڀڙڪايو ويو ۽ ان ئي خط تي ڪارروائي ڪئي وئي.علي امين گنڊاپور جي گهروارن الزام لڳايو آهي ته پوليس اسان جو ذاتي سامان کڻي وئي آهي، انهن سامان جون رسيدون موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو