پنوعاقل مزدا ڪلٽي هڪ ئي خاندان جا  11ڄڻا فوت

پنوعاقل مزدا ڪلٽي هڪ ئي خاندان جا 11ڄڻا فوت

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) پنوعاقل ڀرسان قومي شاھراھ تي تيز رفتار مزدا ڪلٽي، ھڪ ئي خاندان جي 7 معصوم ٻارڙن سميت 11 ڄڻا فوت، 4 ڄڻا زخمي، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو، سمورا لاش ۽ زخمي تعلقہ اسپتال آندا ويا. سانگي ٿاڻي ويجھو قومي شاھراھ تي لاھور کان ڪراچي ويندڙ مزدا ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي اوورٽيڪ ڪندي ڪلٽيون کائي کاھي ۾  ڪري پئي، جنھن سبب مزدا ۾ سوار معصوم ٻارڙا ۽ عورتون فوت ٿي ويون.جڏھن ته مھڪ، فرزانا  ساجد، يعقوب ء آصف زخمي ٿي پيا، اطلاع تي سانگي پوليس ۽ ايڌي جا رضاڪار واقعي واري هنڌ پھچي ويا، سمورن زخمين ۽ فوتين کي تعلقه اسپتال پنوعاقل آندو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جا لاش اسپتال پھچڻ تي سوين شھري گڏ ٿي ويا، ھوڏانھن اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري سمورن ڊاڪٽرن کي ايمرجنسي صورتحال ۾ گھرايو ويو، 11 لاش اسپتال پھچڻ تي سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو