پنجاب اڄ کان پاڻي جي کڻت 71500 ڪيوسڪس ڪري ڇڏي

پنجاب اڄ کان پاڻي جي کڻت 71500 ڪيوسڪس ڪري ڇڏي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پنجاب اڄ کان 7 هزار ڪيوسڪس پاڻي وڌيڪ کڻڻ شروع ڪيو آهي. ارسا پاران جاري ڪيل ڊيٽا موجب 18 کان 21 اپريل تائين پنجاب 64500 ڪيوسڪس کڻي رهيو هو ۽ سنڌ کي 45 هزار ڪيوسڪس ملي رهيا هئا. گذريل سال اڄوڪي تاريخ تي پنجاب 66300 ڪيوسڪس کنيا هئا ۽ سنڌ 48 هزار ڪيوسڪس کنيا هئا. اڄوڪي ڊيٽا موجب پنجاب پنهنجي کڻت 7 هزار ڪيوسڪس وڌائي 71500 ڪيوسڪس ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته سنڌ کي ساڳيا 45 هزار ڪيوسڪس ملن پيا جيڪي گهرج کان 5 هزار ڪيوسڪس گهٽ آهن. تونسا بيراج مان نڪرندڙ ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ پنجاب کڻت ڊبل ڪري ڇڏي آهي جيڪا ارسا ڊيٽا موجب اڱاري 22 اپريل تي 7517 ڪيوسڪس ڄاڻايل آهي. چشما بيراج مان نڪرندڙ ٿل ڪينال ۾ به پنجاب کڻت ٽيڻ تي وڌائي 6500 ڪيوسڪس ڪري ڇڏي آهي. تونسا بيراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڊيرا غازي خان ڪينال به پنجاب کولي ڇڏيو آهي جنهن ۾ به 1700 ڪيوسڪس کڻت شروع ڪئي آهي. البته مظفر ڳڙهه ڪينال ۽ سي جي لنڪ ڪينال بند آهن. تازين برساتن ۽ گرمي پد ۾ اضافي بعد پاڻي جي آمد ۾ به لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي. 22 اپريل تي رِم اسٽيشن تي پاڻي جي آمد هڪ لک 66 هزار661 ۽ آئوٽ فلو 101719 ڪيوسڪس ڄاڻايل آهي. تربيلا ۾27400 ، منگلا ۾ 37542 ڪيوسڪس پاڻي جمع ڪيو ويوآهي.

Screengrab

پهنجو تبصرو موڪليو