پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب پشاور جي ڪبوتر چوڪ وٽ جوابدارن پاران فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندن گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.پهاڙي پوليس ٿاڻي تي خواجہ سراءَ تي فائرنگ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.پوليس موجب زخمي نينگري ڊولفن ايان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










