پشاور(ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پشاور قومي جهنڊو ساڙڻ جي ڏوهه ۾ نامزد جوابدار کي 26 مهينا قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.پشاور جي سيشن جج جي عدالت ۾ جوابدار جنيد احمد جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدار تي ڪرڪ ۾ قومي جهنڊو ساڙڻ جو الزام هو، جنهن تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.گذريل ڏينهن دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت جوابدار کي 26 مهينا قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.










