پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي علائقي حيات آباد فيز 6 ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.ايس پي ڪينٽ وقاص رفيق فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي گاڏي ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي تصديق ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن.پوليس موجب ڌماڪي ۾ 7 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو نشانو سڪيورٽي فورسز جا اهلڪار هئا، 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










