پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر اجمل ساوند….!!

پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر اجمل ساوند….!!

طاهر حسين مهيسر
دنيا جي سڀني مهذب تهذيبن جي ماءُ سنڌو تهذيب جيڪا امن، پيار، ڀائيچاري ۽ مذھبي رواداري جو اهڃاڻ رهي آھي، جتي پکين کان ويندي عام انسان به سک جو ساھ کڻندا هئا. سنڌ جي سرزمين دنيا جي اها واحد سرزمين آھي جتي دنيا جي پهرين يونيورسٽي اچين جي نالي سان قائم ڪئي وئي، جنهن يونيورسٽي ۾ چندرگپت موريا پڻ پڙھيو هو. ماضي ۾ شاهڪار تهذيب موجودھ وقت ۾ مقتل گاھ بڻيل آھي، ڇو ته ڪجھ ڏينھن پھريان آء بي اي يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي قبائلي جھيڙي جي آڙ ۾ قتل ڪيو ويو آھي. اھو وقت ڪيترو نه اذيت ناڪ ھوندو جنھن وقت وني کان ور, امڙ کان پٽ, ڀينرن کان ڀاء ۽ معصوم ٻچڙن کان پيء کسيو ھوندو۔
فرانس مان PHD جي ڊگري ڪري آيل پروفيسر اجمل ساوند ڪيترن ئي غير ملڪي يونيورسٽين جون آڇون ٺڪرايون ھيون ۽ ان ڳالھ کي ترجيع ڏني ته مان پنھنجي قوم کي علم سان سرشار ڪيان پر ھن کي ان ڳالھ جو اندازو نه ھيو ته ھن کي پنھنجن جي ھٿان ئي گولين جو کاڄ ٿيڻو آھي. پروفيسر اجمل ساوند اھڙي ڪردار جو نالو ھيو جنھن ڏينھن رات محنت ڪري اکين ۾ اوجاڳا ڪاٽي پنھنجي ماڻھن ۾ شعور جون لاٽون پئي ٻارڻ چاھيون ۽ ھن روشن صبح جا خواب ڏٺا ھئا. انھن خوابن جي ساڀيان لاء ڪافي ڪشالا پڻ ڪيا ته جيئن جهالت کي مات ڏئي علم ۽ شعور ذريعي نئين سنڌ جي تعمير ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪجي پر شفاف چشمي جيان چٽو ۽ نروار شعور جي مالڪ کي ڪهڙي خبر ته هتي جهالت شعور کي مات ڏئي وڃي ٿي. قلم کڻڻ بدران هٿيار کڻڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. قانون جي بالادستي ته پري جي ڳالھ آھي پر قانون پنهنجي وجود جي ثابتي ڏيڻ ۾ به ناڪام آھي. هي ھڪ انسان جو قتل نه آھي پر سنڌ جي شعور جو قتل آھي. پروفيسر جي قتل سان سنڌي قوم جي چھري مٿان ويچارگي جي اداسي ڇانيل آھي.
شعور يافته اڪيچار ڪردارن منجھان گذريل ڏھاڪي کان وٺي ڪيترا ئي ماڻھو قبائلي جھيڙن ۾ جان ڏئي ويٺا آھن. ظلم, زيادتين جي پسگردائي جي باوجود ھتان جي رياست, سماج, قانون ۽ قدر خاموش تماشائي بڻيل آھن انتظاميا سچ کان اکيون چورائي اشرافيه ۽ سندن ساٿارين جي ٻانهن ٻيلي بڻيل آھي. وڏيرا ۽ جاگيردار قانون جي پڪڙ کان آجا آھن.
حڪومت جي اعلي عملدارن کي گھرجي تہ ان معاملي کي سنجيدگي سان تھ تائين پهچائن ۽ ملوث ڌرين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه قانون جي بالادستي قائم ڪري امن واري صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي اگر ائين نه ٿيو ته پوء خراب اثر ھن سماج جو بنياد بڻجي ويندا ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ دھشتگرد پيدا ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو