پراڻو ٽي وي سيٽ انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو

پراڻو ٽي وي سيٽ انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو

لنڊن (ويب ديسڪ)برطانيه مان هڪ حيرت ۾ وجهندڙ خبر سامهون آئي آهي جتي هڪ ڳوٺ ۾ 18 مهينن تائين جاري رهندڙ انٽرنيٽ جي مسئلي جو آخرڪار انجنيئرن حل ڳولي ورتو آهي. بي بي سي موجب هن ڳوٺ ۾ گذريل 18 مهينن کان صبح جو 7 وڳي کان انٽرنيٽ جي اسپيڊ گهٽ ٿي ويندي هئي جنهن سان ماڻهن کي آن لائن اچڻ ۾ ڪافي پريشاني ٿيندي هئي. انجنيئرن ڳوٺ جون تارون به بدلي ڪيون پر مسئلي جو حل نه نڪري سگهيو جنهن  کان پوءِ علائقي ۾ مانيٽرنگ ڊيوائس لڳائي ڇڏي. ۽ مسئلي جي پاڙ تائين پهچي ويا. انجنيئرن کي خبر پئي ته مسئلو اصل ۾ علائقي جي رهواسي جي پراڻي ٽي وي کي آن ڪرڻ ۽ پيدا ٿيندڙ برقي شعاعن جي مداخلت سان پيش اچي پيو. ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني موجب ٽي وي جو مالڪ پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نٿو ڪرڻ چاهي. هن کي اها خبر پئي ته هو ڪافي شرمندو ٿيو ۽ جنهن کان پوءِ هو پنهنجي پراڻي ٽي وي کي ٻيهر استعمال نه ڪرڻ تي به راضي ٿي ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو