پاڪستاني سياست.معشيت ۽ خلائي مخلوق جو ڪردار

پاڪستاني سياست.معشيت ۽ خلائي مخلوق جو ڪردار

طفيل مگسي
جڏھن برطانوي سامراج جو هندستان ۾ سج لهي ويو ته ان وقت ٻه نوان ملڪ ٻن مختلف نظرين جي بنياد تي دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا.پر هڪ شيء ٻنهيء ۾ گڏيل هئي.
اهو هو ٻنهيء جو جهموري نظام .ليڪن اها ٻئي ڳاله آھي ته هڪ سيڪيولر جهموريت ۾ يقين رکيو ته ٻيئي عوام کي اسلامي جهموريت جو سرسبز باغ ڏيکاريو.بعد ۾ ڇا ٿيو ته هڪ جي جهمريت وڌي ويجهي ايستائين پهتي ته ان کي دنيا جو بهترين جمهوري ملڪ شمار ڪيو ويو.ليڪن هڪ ٻيئي جي جهموريت آزادي جي چند سالن کانپوء ئي خلائي مخلوق جي دروازي تي سجدي ۾ ڪري پئي ۽ انهيء جي سهاري ساه کڻڻ لڳي.عوامي راء کي بندوق جي نال سان ڇٿيو ويو.عوام جي چونڊيل حڪومتن کي راتاها هڻي ۽ چونڊيل حڪومتن کي ڊاھي پٽ ڪري ڊڪٽيٽرشپ ۽ آمريتي نظام کي مڙھيو ويو.خلائي مخلوق جنهن جو قانون ۽ آئين جي فقط سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ھوندي آھي.اها بدقسمتي سان مڪمل طور تي سياست ۾ داخل ٿي ڪري اڇي وڪاري جي مالڪ بڻجي وئي.عوام جي تقدير جا فيصلا جهموري ادارن جي بجاء خلائي مخلوق جي ڪمرن کان ٿيڻ لڳا.۽ اھوئي سبب آھي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي.هينمر تائين ڪو به وزيراعظم پنهنجو پنجن سالن جو اقتدار مڪمل نه ڪري سگهيو.جنهن کي يا ته خلائي مخلوق زبردستي لاهي ڪري مارشل لا هڻي ڇڏي يا پاڻ تخت جي وارث ٿي ويٺي يا عدالت سڳوري جي وسيلي نا اهل قرار ڏئو ويو.جن منجهان ڪن جو ته انجام نهايت ئي عبرتناڪ ٿيو.
ان موضوع تي وڌيڪ ڳاله ٻوله ڪرڻ کان اڳ خلاقي ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي حڪومتن تي مختصر نظر وجهون ٿا.
جنرل ايوب خان (1958ع کان 1969ع)
جنرل يحيي(1949ع کان 1971ع)
جنرل ضياء (1977ع کان1988ع)
جنرل پريز مشرف(1991ع 2008ع)
ان ريت خلائي مخلوق جا سڌو سنئون حڪومت جا ٽوٽل 32 سال ٿين ٿا يعني پاڪستان جي 70 سالن واري تاريخ ۾ اڌ کان ڪجه گهٽ حصي تي خلائي مخلوق ئي اقتدار ۾ رهي.
سياسي تجزيي نگار سدائين کان اها ڳاکه ورجائيندا رهيا آھن ته پاڪستاني سياست ۾ خلائي مخلوق جي منشا ومرضي کانسواء پن به ناهي چرندو.عوامي اعتماد ياووٽ چاهي ڪنهن به پارٽي يافرد وٽ ڇو نه هجي.ليڪن جيستائين خلائي مخلوق پنهنجو مبارڪ هٿ نه رکندي ڪابه پارٽي اقتدار ۾ نٿي اچي سگهي.ها جيڪڏھن ڪنهن پارٽيء وٽ اڪثريت به نه هجي.ليڪن خلائي مخلوق جي نظر ۾ محبوب هجي ته اها بيشڪ اقتدار ۾ اچي سگهي ٿي.ان جو سڀ کان وڏو مثال 1970ع ۾ پاڪستان جي عام چونڊن کان ڏئي سگهجي ٿو.جڏھن شيخ مجيب الرمان جي عوامي ليگ کي 160جڏھن ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت واري پيپلز پارٽي کي 81سيٽون حاصل ٿيون هيون.پوء به اقتدار پرامن طور تي شيخ مجيب الرحمان جي حوالي ڪرڻ بجاء ڀٽو جي حوالي ڪيو ويو.ڇاڪاڻ ته شيخ مجيب الرحمان جهموريت پسند هڪ دلير سياسي ليڊر هو.جنهن کي خلائي مخلوق سخت ناپسند ڪندي هئي.جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٻه ٽڪر ٿي ويو.اها خلائي مخلوق جنهن جو ڪم ملڪ جو دفاع ۽ ان جي سالميت کي يقيني بنائڻ ھو.مگر هن پنهنجي انا جي خاطر ملڪ جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيا.اها نهايت کل جهڙي ڳاله آھي ته جنهن خلائي مخلوق جي ڪلهي تي سوار ٿي ڪري ڀٽو اقتدار جي ايوان تي پهتو .ڪجه ئي ڏينهن کانپوء ئي ڀٽو کين کي هضم نه ٿي سگهيو. جنهن تي ڀٽو کي به خوب احساس ٿيو ته مون اقتدار جي لاء غلط رستو ورتو هو.هڪ ڀيري ته هن عوامي ريلي کي خطاب ڪندي حڪومت جي ڪاروهنوار ۾ خلائي مخلوق کي گهڻو ڪجه ٻڌائي ڇڏيو بلڪ ايستائين به چيائين ته“مان خلائي مخلوق جي مداخلت کي سدائين جي لاء ختم ڪري ڇڏيندس“ليڪن سندس اهو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو.ليڪن تاريخ اهو ڏينهن ضرور ڏيکاريو ته خلائي مخلوق سندس سياسي ڪيريئر کي دفن ڪري کيس کي ڦاسي تي ضرور پهچائي ڇڏيو.
پاڪستان جي خلائي مخلوق سياست ۾ پير ڄمائڻ سان گڏوگڏ ئي ملڪي معشيت تي اثر انداز ٿيڻ ۾ به ڪامياب رهي.خلائقي مخلوق جا ڪرتا ڌرتا ڏينهون ڏينهن امير ترين ٿيندا ويا ۽ عوام غربت جي چڪي ۾ پيسبي رهي.جيڪا روايت اڄ تائين جاري آھي.
اڄ پاڪستان جي21سيڪڙو زمين خلائي مخلوق وٽ آھي.جنهن جي هو پاڻ ئي وارث آھي.وقت سان گڏوگڏ خلائي مخلوق کي اهو احساس ٿيو ته رئيل اسٽيٽ ۾ نفعن جا موقعا تمام گهڻا آھن ته بسم الله ڪري ان ميدان ۾ به پنهنجا پير ڄمائڻ شروع ڪيا ۽ ڪراچي .راولپنڊي.لاهور ۽ اسلام آباد جي قيمتي زمين خلائي مخلوق عسڪري هائوسنگ سوسائٽي.۽ ڊيفينس هائوسنگ اٿارٽي جي نالي سان ڦٻائي ڇڏي ۽ اڄ عالم اهو آھي ته ڪراچي شھر ننڍڙو آھي ۽ عسڪري هائوسنگ سوسائٽي تمام وڏي آھي.
هاڻي اچون ٿا معشيت ڏانهن ته معشيت جو تعلق سڌو سنئون عوام جي حياتاتي شعبي سان آھي.ان ڪري خلائي مخلوق مختلف عوامي حياتاتي شعبن ۾ پڻ پير ڄمايو ۽ حڪومتي سهوليتون حاصل ڪرڻ کانپوء خوب دولت ڪمائي.جيئن شگر ملز.سيمنٽ.اسٽيل.ايئر پورٽس.ٽريول ايجنسين ۾ اويسٽ ڪري اٽڪل سمورن معاشي وسيلن تي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ ان ريت پاڪستان جي سموري دولت هڪ طبقي وٽ گڏ ٿي وئي.
افسوس ته اهو آھي ته سموري زندگي حب الوطني جو ريگٽ ڪرڻ واري اها خلائي مخلوق ريٽائرمينٽ کانپوء فورن ملڪ ڇڏي ڏيئي ٿي. ۽ عوام جي رت وپگهر جي سموري ڪمائي ساڻ کڻي وڃي ٿي ۽ ٻين ملڪن جي معاشي ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.ليڪن جڏھن اها هن فاني دنيا کان موڪلائي ٿي وڃي ته ان جي اعزاز جي لاء مڙھ وري ملڪ ۾ آندو وڃي ٿو.
هاڻي هتي سوال اهو اٿي ٿو ته ڇا عوامانهن جي ڪرتونن کان واقف ناهي؟بلڪل آھي.پر پاڪستان ۾ صنم عسڪري نانء جي هڪ بت جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي.جنهن جي خلاف ڳالهائڻ يا سچ چوڻ وطن سان غداري تصور ڪيو وڃي ٿو ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو