پاڪستاني رانديگر سنوڪر چيمپيئن شپ جي ناڪ آئوٽ ۾ پهچي ويا

پاڪستاني رانديگر سنوڪر چيمپيئن شپ جي ناڪ آئوٽ ۾ پهچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جا 3 رانديگر ورلڊ اسنوڪر چيمپيئن شپ جي ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ پهچي ويا.اسجد اقبال سڌو رائونڊ آف 16 ۾ پهچي ويو، آصف ۽ اويس رائونڊ آف 24 ۾ کيڏندا.محمد آصف جرمني جي سائمن ليچنبرگ هٿان هارائڻ باوجود ٻئي رائونڊ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، فريم فرق جي بنياد تي پنهنجي گروپ ۾ ٻئي نمبر تي رهيو.آخري ميچ ۾ سائمن ليچنبرگ آصف کي چئن ٽن تان شڪست ڏني.آخري گروپ ميچ ۾ اسجد اقبال قطر جي خامس العبيدي کي چار صفر تان شڪست ڏني.اسجد اقبال پنهنجا ٽيئي ميچون کٽي گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته اويس منير بحرين جي حبيب صباح کي 4-1 تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ پهچي ويو.پاڪستان جو چوٿون رانديگر نسيم اختر ٻن ميچن ۾ شڪست کانپوءِ ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ پهچي نه سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو