اسلام آباد(اسپوٽس نيوز)پاڪستاني جبل سوار سرباز خان دنيا جي ٽئين بلند ترين چوٽي ڪنچن جنگا تي چڙهائي ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.سرباز خان 8 هزار ميٽرن کان مٿي 14 مان 10 چوٽيون سر ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو.ياد رهي ته ڪنچن جهنگا جي چوٽي 8000 ميٽرن کان مٿي نيپال ۾ آهي.ڪنچن جهنگ کان پوءِ سرباز خان مڪالو چوٽيءَ ڏانهن سفر شروع ڪندو.ياد رهي ته جبل سرباز خان نانگا پربت، ڪي 2، لوٽس، براڊ چوٽي، مناسلو، اناپورنا، ايورسٽ، گيشر برام ۽ ڊول گيريءَ تي چڙهائي ڪري چڪو آهي.










