پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم متاثر

پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم متاثر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروس خميس تي لڳاتار ٻئي ڏينهن به متاثر آهي. جڏهن ته ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ يوٽيوب سميت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جون خدمتون به متاثر آهن. ان سلسلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي بندش خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد عزيز شيخ ايڊووڪيٽ ابوذر سلمان نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. ٻئي طرف انٽرنيٽ سروس جي نگراني ڪندڙ عالمي اداري نيٽ بلاڪس موجب پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ اڃا به انٽرنيٽ سروس ۾ خلل آهي ۽ صارفين ٽوئيٽر، يوٽيوب سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جون خدمتون آزاديءَ سان استعمال نه ڪري سگهيا آهن. واضح رهي ته عمران خان جي اڱاري تي گرفتاري کانپوءِ حڪومت انٽرنيٽ سروس سست ڪري ڇڏي هئي. ملڪ ۾ موبائل ڊيٽا ۽ 3G 4G خدمتون اڃا تائين متاثر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو