پاڪستان ۾ 15 مهينن کان پوءِ پوليو وائرس ظاهر ٿيڻ جو معاملو

پاڪستان ۾ 15 مهينن کان پوءِ پوليو وائرس ظاهر ٿيڻ جو معاملو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي صدارت ۾ پوليو وائرس بابت اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، اجلاس ۾ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه صوبائي اي او سي ڪوآرڊينيٽر فياض احمد عباسي، ڊبليو ايڇ او نمائندا ۽ سمورا ڊپٽي ڪمشنر شريڪ ٿيا اجلاس ۾ فياض عباسي نارٿ وزيرستان ۾ ظاهر ٿيلپوليو ڪيس بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 15 مهينن کان پوءِ پوليو وائرس جو ڪيس ظاهرٿيو آهي اجلاس ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته سنڌ صوبي ۾ پوليومهم بهتر نموني سان هلائي پئي وڃي ۽ گذريل ٻن سالن کان پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر ناهي ٿيو هن چيو ته صوبي ۾ مئي جي مهيني ۾ پوليو مهم شروع ڪئي ويندي هن والدين کي گذارش ڪندي چيو ته اهي پوليو ورڪرز سان تعاون ڪن ۽ پنجن سالن جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُجا ڦڙا پيارين صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سوشل موبلائيزرز ۽ انفلوئنسرز جي ڪردار کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ته جيئن جيڪي والدين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان لنوائي رهيا آهن انهن کيراضي ڪري سگهجي اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي پوليو مهم ڀرپور نموني هلائڻ جي هدايت ڪندي چيوت ه پوليو مهم جا مقرر ٿيل 100 سيڪڙو حدف حاصل ڪيا وڃن پوليو مهم ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻين صوبن کان ماڻهو عيد کان پوءِ واپس ايندي ان لاءِ بهتر نموني پوليو مهم هلائي وڃي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان بس اڏن ۽ ريلوي اسٽيشن تي پوليو جاڦڙا پيارا ويندا ڪراچي ٽول پلازا حيدرآباد ٽول پلازا جيڪب آباد گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾بس اڏن تي پوليو جاڦڙا پيارا ويندا. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو مهم وقت انڪار ڪندڙ والدين کي پوليو وائرس جا ڦڙا پيارن تي راضي ڪرڻ هڪ چئلينج آهي انلاءِ اعليٰ سطح تي پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت ته اهڙن ٻارڙن کي ڪيئن پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ان تي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ صحت واري سيڪيرٽري تي ٻڌل ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو