پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين ٽيسٽ لاءِ انتظام مڪمل

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين ٽيسٽ لاءِ انتظام مڪمل

لاهور(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي چوٿين سائيڪل (2025-27) ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم شان مسعود جي اڳواڻي ۾ ٻه ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز ۾ دفاعي چيمپيئن ڏکڻ آفريڪا خلاف ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار آهي. قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ آچر کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان ٽيم 7 بيٽرز، 2 فاسٽ بولرز ۽ 2 اسپنرن سان لهڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. وائرل فيور سبب ساڄي هٿ واري اسپنر ساجد خان جي جاءِ تي آصف آفريدي 11 رڪني ٽيم جو حصو بڻيو آهن. 38 ورهين جا کاٻي هٿ وارو اسپنر آصف آفريدي 57 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 25.49 جي اوسط سان 198 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. هن سان گڏ تجربيڪار اسپنر نعمان علي به شامل هوندو. 39 ورهين جي نعمان علي 19 ٽيسٽن ۾ 24.75 جي اوسط سان 83 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. فاسٽ بولنگ ۾ شاهين شاهه آفريدي هڪ سال پوءِ ٽيسٽ ٽيم ۾ واپسي ڪري رهيو آهي. 31 ٽيسٽن ۾ 116 وڪيٽون حاصل ڪندڙ کاٻي هٿ وارو فاسٽ بولر شاهين شاهه آفريدي جي نئين بال جو پارٽنر حسن علي هوندو، جنهن 24 ٽيسٽن ۾ 80 وڪيٽون ورتيون آهن. حسن علي پنهنجو آخري ٽيسٽ جنوري 2024 ۾ آسٽريليا خلاف سڊني ۾ کيڏيو هو. پاڪستان ٽيم جي اننگز جي شروعات امام الحق ۽ عبدالله شفيق ڪندا. ڏکڻ آفريڪا خلاف لاهور ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستان جي ممڪنه 11 رڪني ٽيم هي آهي: امام الحق، عبدالله شفيق، شان مسعود (ڪپتان)، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، حسن علي، نعمان علي ۽ آصف آفريدي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو