پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن جو پريڪٽس سيشن، رانديگرن جو ڪچهريون

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن جو پريڪٽس سيشن، رانديگرن جو ڪچهريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جو دورو ڪندڙ انگلش ٽيم جي پريڪٽس سيشن دوران پاڪستاني رانديگرن سان ميل جول جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن سيريز جي تيارين لاءِ ڀرپور پريڪٽس سيشن ڪيو ۽ ان موقعي تي رانديگرن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 20 سيپٽمبر تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف جي ملاقات ۽ سٺي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.وڊيو ۾ شان مسعود کي انگلش بيٽسمين ايلڪس هيلز سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين حارث انگلينڊ جي ڪپتان جوس بٽلر سان ملاقات ڪئي.قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق انگلش اسپنرز عادل رشيد ۽ معين علي جو استقبال ڪيو، بعد ۾ پاڪستان جو بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف به ملاقات ۾ شريڪ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو