پاڪستان ڊجيٽل صلاحيتن ۾ ڪيترن ئي ملڪن کان اڳتي نڪري ويو

پاڪستان ڊجيٽل صلاحيتن ۾ ڪيترن ئي ملڪن کان اڳتي نڪري ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ميرپور ۽ سسڪو اڪيڊمي پاڪستان کي عالمي سطح تي مشهور ڪيو آهي.ايس سي او سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ميرپور ۽ سسڪو اڪيڊمي سسڪو اي ايم اي اي نيٽ اڪيڊمي ڪپ 2026 ۾ شاندار فتح حاصل ڪئي. ايس سي او سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ميرپور ۽ سسڪو اڪيڊمي 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، پاڪستان يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريڪا ۾ 500 کان وڌيڪ بين الاقوامي آئي ٽي اڪيڊميز ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.سِسڪو اي ايم اي اي نيٽ اڪيڊمي ڪپ 2026 ۾ تاريخي فتح پاڪستان جي روشن ڊجيٽل مستقبل جي مضبوط ضمانت آهي.ايس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 100 آئي ٽي سيٽ اپ قائم ڪري عالمي سطح تي پهرين پوزيشن تائين پنهنجو سفر ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي.ايس سي او ۽ سسڪو اڪيڊمي باصلاحيت پاڪستاني نوجوانن کي بهترين موقعا فراهم ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي عالمي سطح تي نمايان بڻائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو