پاڪستان پاران فلم لال ڪبوتر آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد

پاڪستان پاران فلم لال ڪبوتر آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪرائم ڊراما پاڪستاني فلم لال ڪبوتر کي ايندڙ سال جي آسڪر ايوارڊ ۾ غور هيٺ ايندڙ فلمن ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. شرمين عبيد چنائي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي اهڙي منظوري ڏني، جنهن جو اعلان فلم جي هيروئن منشا پاشا توئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. هن چيو آهي ته سندس 6 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ هي سندس بهترين فلم آهي. آسڪر ايوارڊ لاءِ مختلف ملڪن مان نامزد ڪيل فلمن جو ايندڙ سال 13 جنوري تي جائزو ورتو ويندو ۽ ان ۾ 24 ڪيٽيگريز ۾ آسڪر ايوارڊ ڏنا ويندا آهن، جن جو اعلان 29 فروري تي ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلز ۾ ڪيو ويندو.  فلم لال ڪبوتر ۾ هيرو  احمد علي اڪبر ۽ هيروئن منشا پاشا آهن، فلم جو ڊائريڪٽر ڪمال خان ۽ ايگزيڪٽو پروڊيوسر هاورڊ گريجوئيٽ حانيا چيما ۽ ڪامل چيما آهن. هي فلم 22 مارچ تي هن سال پاڪستاني سينيمائن ۾ رليز ٿي هئي ۽ شائقين ڪافي پسند ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو