پاڪستان روس کي  تيل جو پهريون آرڊر ڏئي ڇڏيو

پاڪستان روس کي تيل جو پهريون آرڊر ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان روس کان سبسڊي واري تيل جو پهريون آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته روس کان سبسڊي وارو تيل خريد ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان کي رڳو روسي خام تيل ملندو، ريفائنڊ تيل نه،پيٽروليم واري مملڪتي وزير چيو ته روس مان رعايتي تيل جو پهريون ڪارگو مئي ۾ پاڪستان پهچندو، پر روسي تيل خريد ڪرڻ جي رعايتي شرح ظاهر نه ٿي سگهي.مصدق ملڪ چيو ته روس مان حاصل ٿيندڙ خام تيل کي پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ ۾ ريفائن ڪيو ويندو، پاڪستان روزانو هڪ لک بيرل روسي تيل درآمد ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو