گڏيل قومن پاران عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اپيل

گڏيل قومن پاران عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اپيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اقوام متحده دنيا تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 25 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ سخت انساني بحران آهي ان ڪري عالمي برادري کي فوري امداد ڪرڻ گهرجي. سرڪاري خبر رساني اداري APP موجب اها ڳالهه پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي انساني معاملن واري اداري (OCHA) جي سربراهه ڪارلوس گيزا پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ريڪارڊ مون سون برساتن ۽ ٻوڏ وڏي تباھي ڪئي آهي ۽ متاثر ماڻهن کي فوري امداد گهربل آهي. ڪارلوس گيزا وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي صوبي پنجاب، خيبر پختونخواَ ۽ گلگت بلتستان ۾ آيل ٻوڏ مقامي آبادي کي مڪمل طور بي يار و مددگار ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه اسان ڏسي رهيا آهيون اهو صرف شروعات آهي، اصلي تباهي ان کان گهڻو وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب جون جي آخر کان شروع ٿيل شديد برساتن سبب هينئر تائين لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهو جانيون وڃائي چڪا آهن جن ۾ 250 ٻار به شامل آهن. ٻوڏ سڀ کان وڌيڪ نقصان پنجاب کي پهچايو آهي جتي ڀارت پاران ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ ندين نالن تباهي مچائي ۽ 47 لک ماڻهو متاثر ٿيا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳوٺ سڄا پاڻي هيٺ ٻڏي ويا آهن، رستا ۽ پُل تباهه ٿي چڪا آهن جڏهن ته 2.2 ملين هيڪٽر زرعي زمين پڻ پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت صرف سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ 25 سيڪڙو وڌي وئي آهي. ڪارلوس گيزا چيو ته اهي هاري ۽ آبادگار آهن جيڪي سڄي ملڪ جو پيٽ پالين ٿا، اڄ انهن وٽ نه زمين آهي، نه مال مويشي ۽ نه ڪو سهارو. هن چيو ته اقوام متحده فوري امداد لاءِ 5 ملين ڊالر جاري ڪيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 1.5 ملين ڊالر مقامي اين جي اوز کي ڏنا ويا آهن. تنهن هوندي به، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ٻهراڙين جا علائقا اڃا تائين مڪمل طور الڳ ٿيل آهن جتي امدادي سامان صرف ٻيڙين يا هيلي ڪاپٽرن وسيلي پهچايو پيو وڃي. ڪارلوس گيزا چيو ته ٻوڏ سبب مليريا، ڊينگي ۽ حيض جهڙيون بيماريون پکڙجڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي جڏهن ته پاڻي، خوراڪ، دوائون ۽ پناهگائن جي انتهائي گهڻي ۽ فوري ضرورت آهي. هن چيو ته اصلي چئلينج ايندڙ مرحلو آهي جڏهن انهن متاثرن کي ٻيهر زندگي ڏانهن واپس آڻڻو پوندو. هن عالمي برادري کي ياد ڏياريو ته هي پاڪستان جي غلطي ناهي، پر اهي ملڪ جيڪي ماحولياتي تبديلي جا ذميوار آهن، انهن کي هن بحران جي ذميواري پڻ کڻڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو