اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئين جي ڳالهه نه مڃي سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي توهين ڪئي آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين ۾ 90 ڏينهن جي حد جي شق ڪنهن ٽوڙي، اسان نه ڪنهن ٻئي ٽوڙي ۽ ان جو سلسلو پنجاب کان ئي شروع ٿيو، استعيفيٰ منظوري کانپوءِ به 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون هيون.هن چيو ضمني چونڊون به منع نامي سبب 90 ڏينهن کان اڳتي هليون ويون، سپريم ڪورٽ ۾ اقليتي فيصلي کي اڪثريتي ثابت ڪري اسان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.سندس چوڻ هو سپريم ڪورٽ جو ڪم اهو ناهي ته آئين ۾ تبديليون ڪري، ججن کي پارليامينٽ ميمبرن ۽ وزيراعظم کي به عزت ڏيڻي پوندي، ڇو ته اسان به انهن جي عزت ڪندا آهيون.پ پ چيئرمين واضح ڪيو ته 1973 جو آئين اسان ڏنو ۽ پ پ ئي اها پارٽي آهي، جنهن 18هين ترميم آندي، اسان ڪنهن به صورت ۾ آئين جي ڀڃڪڙي نٿا ڪري سگهون، ججن کي اپيل آهي ته اهي به آئين جو مطالعو ڪن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي نظر اچي رهيو آهي ان ويڙهه ۾ خطرو ئي خطرو آهي، پاڪستاني عوام، جمهوريت ۽ معيشت کي نقصان ٿي رهيو آهي، سموريون سياسي جماعتون راضي آهن ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿين، عدليا پنهنجي حدن ۾ اچي ۽ پارليامينٽ کي به ڪم ڪرڻ ڏئي.










