ٽڪ ٽاڪ ۾ هڪ نئون دلچسپ اضافو

ٽڪ ٽاڪ ۾ هڪ نئون دلچسپ اضافو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)ٽڪ ٽاڪ ۾ هڪ نئون دلچسپ اضافو ڪيو پيو وڃي. ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙن کي مقامي مواد ڏيکارڻ لاءِ ٺهيل نئين ’ويجهي فيڊ‘ جي جانچ ڪري رهيو آهي.ھن نئين فيڊ کي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ آزمايو پيو وڃي ۽ محدود استعمال ڪندڙن تائين رسائي ڏني وئي آھي. ڪمپني جي ترجمان نئين فيچر جي تصديق ڪندي چيو ته جيڪي صارف ان تائين پهچ رکن ٿا انهن وٽ هڪ نئون فيڊ هوندو جنهن کي Near By on the ايپ سڏيو ويندو. ترجمان چيو ”اسان هميشه ايپ استعمال ڪرڻ جي تجربي کي بهتر ڪرڻ لاءِ نوان طريقا سوچي رهيا آهيون ،“ هي نئون اضافو صارفين کي وڌيڪ ذاتي مواد ڏيکاري ٿو.هي نئون فيڊ استعمال ڪندڙ جي شهر يا ملڪ مان وڌيڪ مواد ڏيکاريندو جڏهن ته هو ويجھي مشهور جڳهن بابت وڌيڪ سکي سگهندا.في الحال، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هي فيچر سڀني استعمال ڪندڙن لاءِ ڪڏهن رول آئوٽ ٿي سگهي ٿو.هن نئين فيڊ سان گڏ، ڪمپني هڪ ٻيو فيچر پڻ آزمائي رهي آهي جيڪا صارفين کي وڊيوز ۾ لوڪيشن ٽيگ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو