ٽي ايل پي جا ڌرڻا، لاهور ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو حڪم

ٽي ايل پي جا ڌرڻا، لاهور ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) مختلف علائقن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻن سبب وفاقي گهرو وزارت پاران لاهور جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنوآهي. گهرو وزارت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽِي کي خط لکي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزارت پاران لاهور جي علائقي سمن آباد، شيرا ڪوٽ ۽ نوا ڪوٽ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن کان علاوه گلش راوي، سبزه زار ۽ اقبال ٽائون ۾ به فوري طور تي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت طرفان انٽر نيٽ جي بندش جي هدايت لاهور ۾ هڪ ڪالعدم جماعت ٽي ايل پي پاران احتجاج جي ڪري ڪئي وئي آهي.

https://twitter.com/SafiaGohar2/status/1451054551558238212

ٽي ايل پي جو مطالبو آهي ته سندن گرفتار ليڊي سعد رضوي کي آزاد ڪريو جنهن جي ضمانت لاهور هاءِ ڪورٽ منظور ڪري چڪي آهي. وزير داخلا خبردار ڪيو آهي ته جنهن قانون ٽوڙيو ته ان سان سختي سان پيش اينداسين. هن وزيراعظم عمران خان کي تازي صورتحال بابت بريف به ڪيو. هن چيو ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر نٿا ڪري سگهون ايئن ڪرڻ سان يورپي يونين سان تعلقات خراب ٿيندا

پهنجو تبصرو موڪليو