واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽسلا ۽ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ چيو آهي ته هن کي مائڪروبلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر لاءِ نئون چيف ايگزيڪيوٽو مليو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ايلون مسڪ چيو ته کيس اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته ٽوئٽر لاءِ نئين سي اي او جي مقرري ڪئي وئي آهي ۽ هو 6 هفتن ۾ عهدو سنڀاليندي.آمريڪي ميڊيا موجب ايلون مسڪ سي اي او جي نالي جو اعلان ناهي ڪيو پر هوءَ عورت هوندي.پنهنجي بيان ۾ ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته هو ٽوئيٽر جي سي اي او جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو ۽ هاڻي ٽوئيٽر جي چيف ٽيڪنالاجي آفيسر طور ڪم ڪندو.ياد رهي ته آڪٽوبر 2022 ۾ ٽوئيٽر خريد ڪرڻ کانپوءِ ايلون مسڪ چيو هو ته هو سي اي او جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو جڏهن هو ”ڪنهن کي بيوقوف ڳولي ٿو نوڪري وٺي سگهي ٿو“.










