ٽن موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ نوجوان فوت

ٽن موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ نوجوان فوت

شهدادڪوٽ (ن س) شهدادڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ نوجوان قتل ، جوابدار فرار شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيلرا ڀرسان حسيني چوڪ تي 3  موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي ليبارٽري تي فائرنگ ڪري ڪم  ڪندڙ نوجوان اصغر علي کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پھچي لاش کي  تعلقي اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، هوڏانهن مقتول جي لاش کي وارث نادره آفيس محلي ۾ گھر کڻائي ويا ، لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪارڻ  ظاهر نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪيس داخل ٿي سگهيو هو ، ٻئي پاسي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاء ڪوٽوموٽو چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو