عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)کوهارا اسٽاپ وٽ خانپور مهر روڊ تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ عدلو سولنگي جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان ڪليم الله سولنگي موقعي تي فوت ٿي ويو ٻه ڄڻا واجد علي سولنگي دلبر سولنگي زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي پهچايو. فوتي ڪليمﷲ سولنگي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.










