هالا (ن سنڌيار)قومي شاھراھ تي ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 17 ورھين جو نريش ولد خيرو ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته سندس ڀاءُ پپو سخت زخمي ٿي پيو. ھالا پوليس لاش ۽ زخمي کي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ھالا پھچايو، جتان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٽرالر پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، فوتي ڀيل موري جا رھواسي آهي.










