ٽرمپ دور ۾ چين تي لڳل آمريڪي پابنديون ختم

ٽرمپ دور ۾ چين تي لڳل آمريڪي پابنديون ختم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميه چين تي مهربان آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بائيڊن انتظاميا ٽرمپ جي دور ۾ مختلف چيني شين تي اضافي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 352 چيني شين تي اضافي ٽيڪس ختم ڪيو ويندو. ان کان اڳ، آمريڪي ۽ چيني صدر مبينا طور تي يوڪرين تڪرار تي هڪ وڊيو لنڪ تي هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا. نيوز ايجنسي ٻڌايو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن چين کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن هن يوڪرين ۾ فوجي ڪارروائي جي معاملي تي روس جو ساٿ ڏنو ته ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جڏهن ته چيني صدر به جوبائيڊن کي تائيوان واري معاملي کان پاسو ڪرڻ جو چيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو