ٽرمپ بزدل شخص آھي،ڪملا ھيرس

ٽرمپ بزدل شخص آھي،ڪملا ھيرس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس پنهنجي مخالف ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي بزدل قرار ڏنو آهي.پينسلوانيا ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران خطاب ۾ ٽرمپ تي سڌي تنقيد ڪندي ڪملا هيرس چيو ته 5 نومبر جي صدارتي اليڪشن ۾ هو هڪ بزدل اميدوار کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن جي پاليسي مخالفن کي خوار ڪرڻ آهي.پنهنجي خطاب ۾ ڪملا هيرس چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان اها غلط روايت رهي آهي ته ڪنهن ليڊر جي طاقت ۽ قابليت جو اندازو ان تي لڳايو ويندو آهي ته هن ڪير ڪيرايو آهي، جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته اهو اصل معيار ناهي هن چيو ته ليڊر کي پرکڻ جو معيار اهو ناهي ته هن ڪنهن کي هيٺ لاٿو يا ذليل ڪيو پر اصل معيار اهو آهي ته توهان جي ليڊر کي ڪير بلند ڪيو آهي.ڪملا هيرس سڌي ريت ڊونلڊ ٽرمپ جو نالو وٺڻ کان پاسو ڪندي چيو ته جيڪو به ٻين کي هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي اهو بزدل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو