غلام حسين لغاري
پوليس ۽ ادارن جي نظر ۾ سنڌ جو هر ماڻهو کين دهشتگرد ڏوهاري ۽ ملڪ دشن ٿو لڳي جڏهن چاهين جتي چاهين جيڪو به وڻين مٿن پاڪستان دشمن يا وري دهشتگرد ڄاڻائي هٿيڪو ڪريو ڇڏين يا مٿن تشدد ڪن ڀلي پوء اها عورت هجي يا اسي سالن جو بيمار بيوس پوڙهو يا معصوم ٻار ڇو نه هجي۔واٽر ڪينن ۽ قيمتي گوليون ۽ ڪارتوس ڇو نه هجن پنهنجي حقن لاء آواز اٿاريندڙن مٿان استعمال ڪرڻ ۾ کين ڪا به جهجهنٽ محسوس ناهي ٿيندي۔جڏهن ته احتجاج ڪندڙ سدائين پرامن رهيا آهن ڪڏهن ڪو ڪک به ناهي چريو نه ڪنهن کي احتجاج مان ڪو نقصان پهتو آهي۔وڪيلن وارو ٻٻرلوء وارو هفتن جا هفتن وارو ڌرڻو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪنهن جو وار ونگو نه ٿيو ڳالهين بعد پرامن نموني ختم ٿيو اها ڳالهه الڳ آهي ته ڌرڻي ۾ شامل مورو واسي هڪ اڌ نوجوان پوليس فائرنگ ۾ شهيد ٿيا جن جو جواز اهو ڄاڻايو ويو هو ته انهن وقت جي گهرو وزير جي رهائشگاهه تي حملو ڪري نقصان پهچايو هو۔جج به سرڪار جا عدالتون به سرڪار جون الزام به سرڪار جڏهن وڃي ڪو انصاف ٿئي يا ڪنهن کي ترس پوي جو مورو ڌرڻي وارا آزاد ٿي پنهنجن ٻچن وٽ واپس ورن۔
پ پ پ ۾ شامل پ پ پ سنڌ جي صدر محترم نثار احمد کهڙو جو ٻٻر لوء ۽ واڌو واهه تي پنهنجي معصوم جي آزادي لاء ويٺل پيرسن ۽ سخت ذهني دٻاء هيٺ ڌرڻي تي ويٺل مائرن مٿان ٿيل پوليس تشدد ۽ انهن جي گرفتارين بابت جاري بيان انهن مائرن کي ويتر عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته جڏهن ڳالهيون نه مڃبيون به ٿورو گهڻو ائڪشن ته ضرور ٿيندو۔ جيڪو ٿيو هوندو مطلب ته هو پاڻ کي اهڙي ائڪشن کان لاعلم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته سخت برسات ۽ رات جي وڳڙي ۾ لياقت جلباڻي کي پوليس گهليندي نظر آئي لٺبازي ٿيڻ روڄ راڙو ٿيندي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ساڳيو روڄ راڙو واڌو واهه گيٽ حيدرآباد وٽ لڳل ڌرڻي تان به ٻڌڻ ۾ آيو جتي پڻ گرفتاريون عمل ۾ آيون جن ۾ سهڻي پارس نذير قريشي به شامل هيون صحافي ساحل جوڳي به گرفتار ٿيو عتاب جو نشانو بڻيو اها الڳ ڳالهه آهي ته بعد ۾ اسيرن کي آزاد ڪيو ويو ۽ گهر واپس پهتا۔
ٻٻر لوء ۽ واڌو واهه گيٽ وٽ جيڪي به ڌرڻا لڳا اهي انهن مائرن جي حق ۾ هئا جن جون جهوليون ڏينهن ٻن کان نه پر ڪيترن سالن کان خالي پيل آهن جن جي آزادي ڳولها ۽ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاء مطالبا شامل هئا۔پريا ڪماري اجالا سولنگي فضيلا سرڪي سميت ويهن کان مٿي ٻار گم آهن جن جي بازيابي ٿي ناهي سگهي ۽ سندن گم ٿيڻ جا پير انهن بااثرن ڏانهن وڃن ٿا جيڪي محفوظ هٿن ۾ آهن۔آء جي پوليس هن ڏس ۾ جي آء ٽي به جوڙي چڪو آهي پر گمشدگي واري مسئلي کي پراڻو ڪوٺڻ به گم شده ٻارڙن جي امڙين لاء هڪ قسم جو گهاء آهي اهي پراميد آهن ته اهي ضرور کين موٽي ملنديون۔انشاء الله ضرور ملنديون۔جڏهن ڪي پي جون نياڻيون ۽ گهوٽڪي جو بااثر شر ڪجهه گهڙين ۾ آزاد ٿي سگهن ٿا ته مائرن جو خالي جهوليون ڇو نٿيون ڀرجي سگهن۔ٻٽو معيار نه هجڻ گهرجي۔اهي به اطلاع آهن جن مائرن جو جهوليون خالي ٿي چڪيون تن مٿان سخت دٻاء آهي ته اهي احتجاج ۽ ڌرڻن وارو سلسلو بند ڪن۔پريا جا والد ته ٻٻر لوء ڌرڻي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪو آهي۔
ٻٻر لو ميهڙ واڌو واهه ۽ تين تلوار وارن لڳل تازن ڌرڻن تي گهري نظر وجهبي ته محترمه سهڻي پارس صاحبه شهناز شيخ لياقت جلباڻي سيد جعفر شاهه محترمه ڀيڻ نذير قريشي گم ٿيل ٻارڙن جي مائرن سميت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪردار شامل هئا۔ٻٻر لوء ڌرڻو ته شام غريبان جي نالي سان منسوب هو جنهن کي مهينو کن ٿي چڪو هو پرامن هو وٽن ڪو به لڙي نه آيو تڏهن ئي لڙيا جڏهن ڌرڻو سخت احتجاج طرف وڌيو شاهراه بند ٿيڻ لڳي پوء به هنن ڳالهين کي مان ڏنو ثن ڏينهن جي مهلت ٿي روڊ کوليو. پ پ پ جڏهن به حڪومت ۾ رهي آهي سنڌ جي ڳنڀير مسئلن کي ڪڏهن به اون ناهي ڪيو پنهنجو ناهي سمجهيو ڀلي ڪئنال ٺهن يا وفاق نوڪرين جي ڪوٽا تي ڌاڙو هڻي يا سنڌ جي وسيلن کي غضب ڪري جو کيس وفاق جي پٺڀرائي گهرجيس پر وڏي صدمي ۽ سانحي واري ڳالهه آهي جو وڪيلن جي مک قيادت جيڪا پاڻي واري مسئلي تي ٻٻر لوء ۾ نظر آئي هن ڀيري معصوم نياڻين جي گم رهڻ واري مسئلي تي غائب رهي سواء محترم ڪي بي لغاري ۽ وهاب منشي جي جيڪي ٻٻر لوء ۽ واڌو واهه ڌرڻن تي پهتا پنهنجو موقف پيش ڪيو جڏهن ته قومپرست قيادت ته بنهه ڏسڻ ۾ نه آئي خبر ناهي ته ڇو باقي انهن جون ڀڀڪيون پري کان ٻڌڻ ۾ ضرور آيون سندن مک موضوع ڪئنال رهيا۔پاڻي ۽ ڪئنالن وارو مسئلو ۽ نعرو هاڻ پ پ پ هائجيڪ ڪري ورتو آهي جنهن جا احتجاجي مظاهرا ڏسڻ وٽان پيا ملن پر هنن کان به سنڌ جون گم ٿيل نياڻيون وسريل آهن۔جيڪڏهن سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي قيادت ٻٻرلوء پهتل هجي ها ته شايد وسندڙ برسات ۾ جهوليون خالي رکندڙ مائرون پوليس جي لٺين ۽ تشدد جو کاج نه بڻجي ها۔افسوس پ پ پ جو قائد جناب بلاول ڀٽو ڪشمير ۾ ويهي ڪشميرن جي حقن جي ڳالهه ٿو ڪري ٿو پر هڪ اڌ لفظ خالي جهولي مائرن جي گم ٿيل معصومن جو به نوٽيس وٺي ۽ ذڪر ڪري ها۔سندس زبان مان رڳو لفظ نڪرڻ ها ته مرسون مرسون معصوم نه ڏيسون ته جهولي خالي مائرن جي هان ته ڪجهه ته ٿڌا ڇنڊا پون ها۔اڃا به وقت ناهي ويو ٻٻرلوء جي شام غريبان مٿان جن بيگناهه مائرن مٿان جنهن انداز ۾ وسندڙ برسات ۾ تشدد ۽ لاٺي چارج ٿي آهي انجي عدالتي جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي۔ٻٻر لوء ڌرڻو جي اسيرن تي جيڪا ۽ جنهن نموني جي ايف آء آر ڪٽي وئي آهي پوليس مٿان بدنامي جو وڏو داغ آهي ڌرڻي ۾ ويٺل هر ماڻهو پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻي ايس ايس پي جي نعرن جا جوب ڏئي رهيو هو تن مٿان پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ پاڪستان مخالف نعرا هڻڻ وارا الزام هڻڻ خود هڪ وڏو ڏوهه آهي جنهن جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن ڪنهن به ڪو اهڙو پاڪستان مخالف نعرو هنيو آهي يا جهنڊي جي توهين ڪئي آهي ته ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي يا محض الزام آهي ته ان کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ گهرجي۔وڏي ڳالهه اها آهي جو عدالت ايس ايس خيرپور ۽ ڊي آء جي پوليس سکر کي ذاتي طور عدالت ۾ طلب ڪري ٿي ۽ وضاحت گهري ٿي پر پاڻ نه آيا فوڪل پرسن موڪلي جان ڇڏائي۔پوليس ۽ عدالتي روين سبب ئي عوام کي انصاف ملڻ ۾ دير ۽ ساڻن زيادتيون ٿين ٿيون۔
بهرحال ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي مسئلن تي سنڌ جي سمورين پارلياماني توڙي سياسي ۽ قومپرست پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو بيهڻ گهرجي گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاء بلند آواز ٿيڻو پوندو۔پوليس کي ڀوتارن بدران بيوسن ۽ متاثر ڌرين جو پاسو وٺڻ گهرجي تڏهن ئي سنڌ سورن کان آجي ٿيندي۔










