تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پيشڪشيان چيو آهي ته ايران جو خطي جي ٻين ملڪن سان ڪنهن به تڪرار ۾ پوڻ جو ڪو به ارادو ناهي. ايراني ميڊيا موجب، ايراني صدر مسعود پيشڪشيان وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهايو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران مسعود پيشاڪيان چيو ته جيڪڏهن عالمي برادري جنگ جي ذميوارن تي ڌيان نه ڏيندي ته عالمي نظام ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. ايراني صدر چيو ته ايران جو خطي جي ٻين ملڪن سان ڪنهن به تڪرار ۾ پوڻ جو ڪو به ارادو ناهي. واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ايران جي نئين چونڊيل سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي کي خط لکيو هو. وزيراعظم آيت الله خامنه اي جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ايران جي ڀائر عوام ۽ مسلم امت لاءِ پاڪستاني عوام جي تعزيت ۽ دعائن جو اظهار ڪيو.










