سکر (جئيرام داس) سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا فوج جي مدد سان ختم ڪرائڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پوليس وڏيرن سان مليل آهي، سنڌ ۾ هزارين ايڪڙ زمين تي بااثرن جو قبضو آهي، پر عدالتي حڪمن باوجود پوليس قبضا ڇڏائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، هاڻي پاڪ فوج سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائي، عدالت ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










