تحرير اعجاز ممنائي
ماحولياتي آلودگي دنيا لاءِ ھڪ اھڙو چيلينج بڻجي چڪو آھي جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا جا ملڪ ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيا آھن پر پوءِ به ان کي منھن ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار ناھن ڪري سگهيا جيڪڏهن ٿوري گهڻي حڪمت عملي تيار به ڪئي اٿائون ته ان تي عمل ڪرڻ انتھائي ڏکيو ٿي پيو آھي ھن وقت انساني نسل ۽ دنيا کي وڏو خطرو ماحولياتي آلودگيءَ مان آھي ۽ ان خطري کي ڪنھن حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي سربراھيء ۾ دنيا جا سمورا سڌريل ملڪ گذريل ٻن ڏھاڪن کان ڪوششون وٺي رھيا آھن پر تنھن ھوندي به دنيا جا طاقتور ترين ۽ امير ترين ملڪ ماحولياتي آلودگيءَ کي گهٽ ناھن ڪري سگهيا ڇوجو جديد دور ۾ ماحولياتي آلودگيء جا ڪيترائي سبب سامھون آيا آھن ۽ ھر ھڪ ملڪ انھن سببن کي حل ڪرڻ جي طاقت نه ٿو رکي ان ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته اسانجي ملڪ پاڪستان جو شمار به دنيا جي انھن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن کي ماحولياتي آلودگيءَ مان خطرو آھي ۽ اسانجي حڪومت ان ڏس ۾ وس آھر ڪوششون به ڪري پئي اھي ڪوششون ڪڏھن ڪامياب ٿينديون ان جو جواب ڏيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو ڇوته ٻيلا نه هوندا ته آڪسيجن نه پيدا ٿيندي نتيجي طور جڳهيون ڪِرنديون وينديون ۽ جهاز اڏندي اڏندي اچانڪ ڪِرندا ويندا ڇو ته آڪيسجن جي گهٽجڻ ڪري ٻرڻ جو عمل سست ٿيندو ۽ گرمي ۾ وڻن کي بيٺي بيٺي باهيون لڳي وينديون. کاڌي جو هضم ٿيڻ ڏکيو ٿي ويندو پيٽ جون بيماريون عام جام ٿينديون ساھ جو عمل ڏکيو ۽ تڪليف وارو ٿيندو دم ، ٽي بي، سلھ، فالج ۽ دل جي اٽيڪ جو ريشو اسي پرسنٽ وڌندو. سمنڊ چاڙھ ڪندو زمين ڳِهندو ۽ جر لهندو پاڻي کارو ٿيندو جنهن ۾ زهر جا جُزا عام ٿيندا. زمين جي سطح وائيکي ٿيندي ۽ زلزله جام ٿيندا. موسم هڪ دم جهٽڪا ڏيندي سردي ساھ ڪڍندي گرمي ساڙيندي.سخت گرمي سائي ۽ رت ۾ خرابي سان گڏوگڏ جِلد مطلب چمڙي جي بيماري ۽ ايلرجي جا ڪافي امڪان پيدا ٿيندا زمين جي پيداواري سگھ ڪمزور ٿيندي .جديد ٽيڪنالوجي ۽ ڪارخانن توڙي گاڏين جي دونهين جي ڪري ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جهجهي مقدار ۾ هوا جي اندر داخل ٿيندي جنهن سبب ساھ جون بيماريون وڌنديون. وڻن جي کُٽڻ ڪري هوا ۾ موجود 22 پرسنٽ آڪسيجن وڃي 10 کان 11 پرسنٽ بچي آھي ۔پوء ڇا ڪرڻ گهرجي آخر؟؟؟ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ گئس گهٽايو ۽ آڪيسجن جي پيداوار وڌايو آڪسيجن جي پيداوار جو اهم ذريعو وڻ آھن وڻ رات جو ڪجھ مقدار ۾ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ خارج ڪندو آهي ۽ ڏينهن جو 16 ڪلاڪ آڪسيجن ڇڏيندو آھي ۽ 16 ڪلاڪ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جزب ڪندو آھي هڪ فٽ جي گولائي وارو وڻ 16 ڪلاڪن ۾ چار ماڻهن جي جياپي جيتري آڪسيجن روزانه خارج ڪري ٿو ۽ چار ماڻهن کي نقصان ڏيندڙ گئس ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ماحول مان جزب ڪري ٿو مطلب اٺن ماڻهن جي جياپي جو هڪ ئي حل هڪ وڻ نوٽ طلب ڳالهه اھا آھي ته اسان جي سنڌ جو خاص وڻ نِم جيڪو 24 ڪلاڪ ڪاربان هوا مان جزب ڪري ٿو ۽ چوويه ڪلاڪ انسان جي جياپي جي گئس آڪسيجن خارج ڪري ٿو سو وڌ کان وڌ نم پوکيو ۽ ماحول کي بچايو جيڪڏھن آڪسيجن جو مقدار 1.5 گهٽبو رهيو ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۽ ميٿين گئس جو 1.5 جي حساب سان انهن جو مقدار وڌندو رهيو ته دنيا ۾ ٻرڻ جو عمل بند ٿي ويندو ٻرڻ جي عمل نه ٿيڻ ڪري انسان جو کاڌو هضم نه ٿيندو ۽ سيمينٽ ۾ پڪڙ جي قوت گهٽجي زيرو ٿي ويندي. گرمي ۾ ايڏو اضافو ٿيندو جو بيٺل فصلن کي باهيون ۽ بلڊنگون ڳري ڪِري پونديون زمين ڦاٽي پوندي ۽ آخر ۾ زرا پُرزا ٿي ڀُري ويندي سو مهرباني ڪري وڻن جي ججهائي کي بچايو مطلب ٻيلن کي بچايو ته ڌرتي بچي پوندي ۽ حياتي وڌي ويندي جڏهن ڌرتي بچندي ته انسان ۽ ڌرتي تي موجود حياتي ۽ ڪاروهنوار بچندو اهو سڀ تڏهن ممڪن آھي جڏهن ٻيلا بچن ان لاءِ سرڪار کي منظم منصوبابندي تحت ننڍا ننڍا ٻيلا قائم ڪرڻ گهرجن جيڪي نه رڳو ماحولياتي آلودگيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ڌرتيءَ جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪندا ماضيءَ ۾ اسان جي ڌرتيءَ تي لکن وڻن تي مشتمل وڏا ٻيلا ھوندا ھئا جيڪي اسان جي لاپرواهيءَ سبب تباھ ٿي ويا جنهن سبب گرميءَ جو پد وڌڻ سميت بارشن جي نه پوڻ يا حد کان وڌيڪ بارش پوڻ سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿيو پوي انڪري ٻيلا لڳائي ڌرتيءَ کي ماضيءَ وانگر شاندار ڪري سگهجي ٿو.










