ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سعودي عرب جو وڏو اعلان

ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سعودي عرب جو وڏو اعلان

اسلام آباد ( بيورو) سعودي حڪومت پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي.پرڏيهي آفيس جي پڌرائي موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سعودي هم منصب فيصل فرحان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻن طرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.پڌرائي موجب سعودي عرب طرفان پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جنهن تي بلاول ڀٽو پنهنجي سعودي هم منصب ٿورا مڃيا آهن.بلاول ڀٽو سعودي هم منصب کي پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي تباهڪارين کان آگاهه ڪيو ۽ بدترين ٻوڏ صورتحال تي ايڪي جي اظهار تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو