اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي جي بلن ۾ رليف لاءِ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان رابطو ڪري.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي بجلي جي بلن ۾ هڪ مهيني جي رعايت لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪن.ذريعن موجب، وزيراعظم هن موقعي تي چيو ته ناڻي واري وزارت کي هاڻي آءِ ايم ايف سان هن ممڪن رليف تي بحث ڪرڻ گهرجي، بحث جو مقصد ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي فوري رليف فراهم ڪرڻ آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته شهر هجن يا ڳوٺ، هي رليف پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏنو ويندو.ان کان اڳ، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو به حڪومت کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن جي بجلي جي بلن کي معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته، وزيراعظم ٻوڏ سبب ملڪ ۾ زرعي ۽ موسمياتي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.










