لاهور(ويب ڊيسڪ)جمعي ڏينهن انٽرنيشنل ٽيسٽنگ ايجنسي (آءِ ٽي اي) ۾ اولمپئن طلحه طالب سميت ٻن پاڪستاني ويٽ لفٽرن جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچي ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن ٻڌايو ته انهن وٽ ان پيش رفت بابت ڪا به تصديق ٿيل ڄاڻ ناهي جڏهن ته پاڪستان ويٽ لفٽنگ فيڊريشن ان بابت ڪنهن به سوال جو جواب ناهي ڏنو. رپورٽن مطابق انٽرنيشنل ٽيسٽنگ ايجنسي انٽرنيشنل ويٽ لفٽنگ فيڊريشن جي سهڪار سان تازو ئي چئن پاڪستاني ويٽ لفٽرن جا نمونا ورتا هئا.










