نوشهرو فيروز (ن س) ڳوٺ بچل پنھور ۾ مقامي وڏيري پاران گوليون ھڻي ھڪ ٻارڙي کي قتل ڪرڻ ۽ ھڪ ڳوٺاڻي کي زخمي ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ نعره ھنيا. ان موقعي تي شھباز پنھور، فھميد، مرتضي، صدام پنھور ۽ ٻين چيو ته علائقي جي بااثر وڏيري رستي تي ڌوڙ ٿيڻ تي مڇرجي ڳوليون ھڻي ٻارڙي زائر علي ۽ ڳوٺاڻي نظام الدين کي زخمي ڪيو. جڏھن ته بعد ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو ۽ نظام الدين ٽنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ۽ گھر ۾ بي يارو مددگار پيل آهي. ٺاروشاھ پوليس ڪيس ڪيو آھي پر جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪيو ۽ جيڪي ٻيھر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.










