مٺي ( ن سنڌيار) ريجنل محستب اعلي ٿرپارڪر ڄام فرهاد بيگ ڏهر چيو آهي ته ٻارڙن تي جنسي تشدد ڪرڻ قانوني ڏوهه آهي ۽ ان ڏوهه کي روڪڻ لاءِ قانونسازي پڻ ڪئي وئي آهي جنهن سان ٻارڙن تي تشدد ٿيڻ وارن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهندي . اهڙن ڳالهين جو اظهار هن سوشل ويلفئير آفيس مٺي ۾ قائم ڪيل ٻارڙن جي تحفظ واري اداري جو دورو ڪندي ڪيو . هن وڌيڪ چيو معصوم ٻارڙا گلن جي مثل آهن انهن تي جنسي تشدد ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ عمل آهي . دوري دوران ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفئير امداد حسين چنه ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ جي انچارج ڪيلاش ٻڌايو ته سماجي ڀلائي کاتي پاران ٻارڙن تي جنسي تشدد وارن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي بل سنڌ اسيمبلي مان 2011 ۾ پاس ڪرايو ويو اهڙي طرح سوشل ويلفئير آفيس ۾ ٻارڙن جي تحفظ جو ادارو سال 2018 ۾ قائم ٿيو ۽ سال 2018 کان 2022 تائين ضلعي ۾ ٻارڙن تي جنسي تشدد جا 30 واقعا ٿيا جيڪي قانوني طريقي سان حل ڪرايا ويا آهن . هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻارڙن تي جنسي تشدد ۽ خطري جي صورت ۾ 1121 تي فورن اطلاع ڏني وڃي .










