يونيورسٽيز پاران رزلٽ ڇو روڪيل آهن؟

يونيورسٽيز پاران رزلٽ ڇو روڪيل آهن؟

ليکڪ غلام فريد سومرو
اسين جڏهن اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندا هئاسين ته هر سال باقاعدگي سان امتحان ڏيندا هئاسين ۽ مختلف بورڊز ۽ يونيورسٽيز پاران به هر سان پنهنجي ٽائيم ٽيبل مطابق رزلٽ انائونس ڪري ڇڏيندا هئا جنهن جي نتيجي ۾ شاگرد اڳتي نئين ڪلاسن ۾ داخلائون وٺندا هئا پر ڪجھ سالن کان بورڊز ۽ يونيورسٽيز پاران ڄاڻي واڻي مختلف امتحانن جا رزلٽ روڪي نھ فقط شاگردن جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهن پر شاگردن جي اڳتي وڌڻ جي رجهان ۾ به بيريئر وجهي ان جي رستا روڪ ڪئي پيئي وڃي جڏهن ته رزلٽ روڪڻ جي ڪري ڪرپشن ڪري فيل ٿيل شاگردن کي پاس ۽ گريڊ نه کڻندڙ شاگردن کي پئسن عيوض اي ون گريڊ ڏيئي حقيقي شاگردن سان ناانصافي ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح ضلعي خيرپور ۾ قائم ٿيل شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ به اهڙي قسم جي ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور يونيورسٽي کان علاوه به سارين پرائيويٽ ڪاليجن کي مختلف قسم جا امتحان وٺڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي اهڙن امتحانن ۾ اي ڊي (بي ايڊ) جو امتحان به شامل آهي سو گذريل سال بي ايڊ جي ورتل امتحانن کان پوءِ يونيورسٽي انتظاميه هگري ننڊ ۾ سمهي پيئي رهي آهي جڏهن ته حڪومت سنڌ پاران مختلف مرحلن نوڪرين جي ٽيسٽ ورتي پيئي وڃي ۽ اميدوار جيڪي نوڪري جي ٽيسٽ ته پاس ڪري چڪا آهن بي ايڊ جي رزلٽ نه اچڻ ڪري هو وڏي مونجهاري جو شڪار آهن پر پرائيويٽ ادارن جا مالڪ به اکيون بند ڪري سمهي رهيا آهن پر ڪير به واهر ڪرڻ وارو ڪونه آهي.
هن وقت شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور وٽ ڪيترن ئي امتحانن جي رزلٽ رڪيل آهي پر اتان جي انتظاميه فقط ان ڪري رزلٽ روڪي آهي ته جيئن پرائيويٽ ادارا خرچو پاڻي پھچائين جنهن کان پوءِ رزلٽ انائونس ڪري سگھجي جڏهن ته پرائيويٽ ادارن جا مالڪ به خاموش آهن سو وچ ۾ جيڪا ٻوڙي ٻڏي رهي آهي سو شاگردن جي ٻڏي رهي آهي سو ان باري ۾ جڏهن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه سان رابطو ڪيو ويو ته انهن اهو چئي جواب ڏنو ته وقت اچڻ سان رزلٽ به آئوٽ ڪيو ويندو سو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اهي بي رخي جواب کان پوءِ شاگردن ۾ تمام گهڻي بي چيني پکڙجي ويئي آهي جنهن جي ڪري شاگردن جو ممستقبل داع تي لڳي ويو آهي سو هن وقت سنڌ ۾ ماستري جي نوڪرين جا آفر آرڊر نڪري رهيا آهن ۽ اهي شاگرد جيڪي ماستري جا آرڊر فقط ان ڪري نه پيا حاصل ڪري سگهن ته انهن وٽ اي ڊي (بي ايڊ) جا سرٽيفڪيٽ ڪونه آهن سو سرٽيفڪيٽ ان صورت ۾ مهيا ڪري سگهندا جڏهن يونيورسٽي رزلٽ انائونس ڪندي سو اهڙي صورتحال کان پوءِ اميدوارن سخت بي چيني پکڙجي ويئي آهي ۽ اميدوارن پنهنجنو مستقبل تباه ٿيندي نظر اچي رهيو آهي سو ان باري ۾ يونيورسٽي انتظاميه کي ايڪشن وٺڻ گهرجي سو ان باري ۾ اسين سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته هو سنڌ جي تمام يونيورسٽين کي ان ڳالھ جو پابند بڻائين ته هو مختلف امتحانن جا رزلٽ وقت سر ظاهر ڪن ته جيئن شاگردن کي اڳتي وڌڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگهي.
gfareedthul@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو