ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي مسجد اقصى ۾ اسرائيلي فوجي دهشتگردي خلاف ملڪ گير يومِ احتجاج جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ پڻ جماعت اسلامي پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي،حيدرآباد، ٺٽو، گهارو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ سميت مختلف شهرن ۾ احتحاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا جن کي جماعت اسلامي جي صوبائي، مقامي اڳواڻن ۽ عالم سڳورن خطاب ڪيو، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي “ اسرائيل جو هڪ علاج الجهاد الجهاد” جا نعرا لکيل هئا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جو چوڻ هو ته اسرائيلي دهشتگرد فوج پاران مسجد اقصى مٿان حملو، مردن، ٻارن ۽ عورتن مٿان وحشياڻو تشدد، گرفتاريون کليل دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ قبله اول ۾ مسلمانن کي عبادت کان روڪڻ ۽ بربريت جو نشانو بڻائڻ قابل مذمت، اسرائيلي ناجائز رياست مسلمانن جي قبله اول جي اسلامي شناخت کي تباه ڪرڻ جي سنگين سازش ڪري رهيو آهي جنهن خلاف هاڻي مسلم دنيا کي هڪ ٿيڻو پوندو، عالمي قانون ۾ پڻ مسجد اقصى ۾ مسلمانن کي عبادت ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهجي، پر اسرائيل يهودين کي مسجد اقصى ۾ تبديليون ڪرڻ لاءِ شرپسند ڪاروايون ڪري رهيو آهي ان مقصد لاءِ اسرائيلي عدالتن سميت جبر ۽ طاقت جو هر حيلو هلايو پيو وڃي. جماعت اسلامي حيدرآباد پاران لطيف آباد ۾ صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، مشتاق احمد خان ۽ عامر فاروق جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي حافظ نصرالله چنا چيو ته خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي اڳواڻن چيو ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ نمازين کي روڪڻ لاءِ اسرائيلي فوج ۽ يهودين پاران چڙ ڏياريندڙ ڪاروايون ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري آهي، مسجد اقصى جي حفاظت لاءِ فلسطين جي بهادر مائرن، ڀينرن ۽ جوڌن جنهن جرت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو ان تي کين خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، فلسطيني عوام جون عظيم قربانيون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون ۽ اسرائيل جو نالو نشان مٽجي ويندو فلسطين جي ڌرتي تي آزادي جو سج اُڀرندو.جماعت اسلامي ضلع ٺٽه پاران گهارو شهر ۾ مولانا عبدالسميع هاليپوٽو، نورمحمد ڪوريجو، ابراهيم ناهيون، اسماعيل راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسرائيل گذريل هڪ هفتي کان لاڳيتو مسجد اقصى ۾ هٿين خالي مسلمانن مٿان حملا ڪري رهيو آهي، پر افسوس جو سموري مسلم دنيا جا نااهل ۽ ڀاڙيا حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، فلسطين جي مظلوم مسلمانن مٿان بدترين تشدد ۽ مسجد اقصى جي بي حرمتي جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان کي گهرجي ته في الفور گڏيل قومن جو اجلاس گهرائي اسرائيلي قهري ڪارواين خلاف مذمت جو ٺهراءُ پاس ۽ کيس انساني حقن جي لتاڙ تي سخت سزا جو مطالبو ڪيو وڃي، مسلم ملڪ رڳو مذمت ڪرڻ بدران اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ سميت فلسطيني مسلمانن ۽ قبله اول جي حفاظت لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي امير ضلع غلام مصطفى ميراڻي، مولانا رفيع الدين چنه، آغا عبدالفتاح پٺاڻ، عبيدالله گولو ۽ تنظيم اساتذه صوبائي اڳواڻ شبير احمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾اسرائيل پاران بيت المقدس جي بي حرمتي خلاف جماعت اسلامي ڪنڌڪوٽ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن مٺي ۾ ڪشمير چوڪ تي ضلعي امير مير محمد بُليدي جي اڳواڻي ۾ پڻ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.










