وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، نينگري ٻڏي فوت

وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، نينگري ٻڏي فوت

ڪنڊيارو(ن س)عيد جي ٻئي ڏينھن گم ٿي ويل نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي ڌار واقعي ۾ پاڻي جي ھود ۾ ٽن ورھين جي نينگري ٻڏي فوت ٿي وئي. ڳوٺ محمد ھاشم چوھاڻ واسي نوجوان زاھد پٽ اياز چوھاڻ جو ڳوٺ مان وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو. ٻئي پاسي ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ جواڻ سولنگي ۾ مائٽن ڏانھن گھمڻ لاء آيل ٽن ورھين جي نينگري دعا ڌي سليم ڳوٺ ڀرسان ٽيوب ويل جي ھود ۾ ٻڏي وئي جنھن بعد نينگري کي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ٻڌايو پئي ويو ته فوتي نينگري جو خاندان اصل پڊعيدن جا رھواسي آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو