وڻ جام،روڊ وڪوڙجي ويا،ڳوٺاڻا پاران روڊ خالي ڪرائڻ جي اپيل

وڻ جام،روڊ وڪوڙجي ويا،ڳوٺاڻا پاران روڊ خالي ڪرائڻ جي اپيل

دڙو (ن سنڌ يار) دڙي ويجھو ٻيلو شھر وايا سجاول ٺٽو ۽ ابڙال، جھوڪ شريف حيدرآباد ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماڻهو جي قد جيڏا ديوين ۽ ڄارين جا وڏا وڻ ڦٽي آيا آهن. جنهن ڪري روڊ سوڙهو ٿي ويو آهي ۽ روڊ تي ننڍين توڙي وڏين گاڏين جي ڪراسنگ وڏو مسئلو بڻيل آهي. جنهن ڪري ڄاڻايل روڊ تي حادثا ۽ ڏوھارين طرفان ڦرن جا واقعا ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن. دڙو ٻيلو ۽ ابڙال جھوڪ شريف روڊ سوڙهو ٿيڻ کان پوءِ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ويو آهي جنهن ڪري روڊ تي سفر ڪندڙ ڳوٺاڻن ۽ مسافرن جون حياتيون ھر وقت داءُ تي لڳل آهن جڏهن تہ دڙو ٻيلو، ابڙال روڊ تي مقرر بيلدار روڊ جي صفائي ڪرڻ بدران گھر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن جنهن ڪري مختلف روڊ ڪنهن جھنگ جو ڏيک پيش ڪري رهيا آهن، ٻي پاسي هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن اعجاز اختر ميمڻ، علي رضا ڪڇي، اسلم سومرو، امداد ميمڻ، مختيار علي کوکر، وفا ميمڻ، امتياز آڪاش، عطا محمد ڀنڀرو، ساگر ديدار ڪنڀر، رجب ميمڻ، جاويد جگر، نواز سومرو، وفا مشتاق لاشاري، دلاور درس ۽ ٻين چيو تہ دڙي کان ٻيلو ۽ ابڙال جھوڪ شريف ويندڙ روڊ تي ديوين جا تمام وڏا وڻ ڦٽي اچڻ کانپوءِ روڊ تي سفر ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي هنن چيو روڊ حادثن سبب هيستائين ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن ان باوجود انتظاميا روڊ جي صفائي ڪرائڻ لاءِ تيار ڪونهي هنن ڊي سي سجاول ۽ روڊس کاتي کان مطالبو ڪيو تہ ٻيلو روڊ جي ٻنهي پاسن کان ديوين جا وڻ وڍائي روڊ سفر جي لائق بڻايو وڃي تہ جيئن قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو