وڏين صنعتن تي سپر ٽيڪس لاڳو، اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش

وڏين صنعتن تي سپر ٽيڪس لاڳو، اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم طرفان ٽيڪسٽائيل، آٽوموبائيل، سيمينٽ، اسٽيل، فرٽيلائيزر، شُگر ۽ بئنڪنگ سوڌو وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. حڪومت جي اهري اعلان بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ڪري ويو ۽ 2 هزار پوائنٽس کان مٿي 100 انڊيڪس ڪري پئي آهي. جنهن سبب سيڙپڪارن جا اربين روپيا ٻڏي ويا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ساليانو 15 ڪروڙ آمدني تي هڪ سيڪڙو ۽ 20 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ آمدني تي 2 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو، 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 4 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو. وفاقي حڪومت جن شعبن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائي آهي انهن ۾ بئنڪون، ايئرلائنز، سيمينٽ، ٽيڪسٽائيل، آتوموبائيل، شگر ملز، بيوريجز، اسٽيل، آئل ۽ گيس، فرٽيلائيزر، سگريٽ ۽ ڪيميڪلز واريون صنعتون شامل آهن. انهن شعبن جون اهي ڪمپنيون جن جي آمدني ساليانو 30 ڪروڙ کان مٿي آهي، اهي ٽيڪس ڏيندا. جن شعبن کي سپر ٽيڪس کان آجو رکيو ويو آهي تن ۾ فوڊز، ٽيڪنالاجي، ڪاغذ ۽ گَتو، فارماسٽيڪل ۽ پاور جنريشن شام آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جِن کي نعمتن سان نوازيو آهي، اُنهن تي ٽئڪس لڳائي پئسو عوام تي خرچ ڪيو ويندو غريب عوام سدائين ملڪ لاءِ خدمت ڏني آهي، اڄ شاهوڪارن لاءِ وقت آهي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪن

پهنجو تبصرو موڪليو